تاجو سامٽيو

تاجو سامٽيو: تاجو سامٽيو، ميان عبدالنبي ڪلهوڙي (سن 1777ع- 1780ع) جي خاص صلاحڪارن مان هو. مير عبدالله خان به تاجي سامٽيي سان گڏ صلاحڪار هو. جڏهن ميان عبدالنبيءَ، قنڌار جي بادشاهه کان سپاهه جي مدد گهري، تڏهن مدد خان پٺاڻ لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. ميان عبدالنبي واعدي مطابق کيس تاوان جي رقم پهچائي نه سگهيو، ان ڪري مدد خان پٺاڻ، ميان جي خاص اميرن تاجي سامٽيي ۽ ڪن ٻين کي قيد ڪيو ۽ کين عذاب ڏنا. وري جڏهن مير فتح علي خان، ميان عبدالنبيءَ تي ڪاهي آيو، تڏهن ميان عبدالنبيءَ، محمد حسن کهاوڙ کي سپهه سالار مقرر ڪري، وڙهڻ لاءِ موڪليو، ۽ سندس مدد لاءِ تاجي سامٽيي، ڌڱاڻي جتوئيءَ، پيروز ڪليريءَ ۽ غلام حسين جهنجهڻ کي، نومڙين ۽ کوسن جي لشڪر سان گڏ موڪليو. اُهي هالاڻيءَ ۾ اچي وڙهيا، ۽ ٽالپرن کان شڪست کاڌائون. تاجو سامٽيو هالاڻيءَ جي جنگ ۾ محمد حسن جي دستي ۾ وڙهندي مارجي ويو.


لفظ تاجو سامٽيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو